اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پڻ صدر ??ان گڏ آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان ??ي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صوبائي عملدارن سان گڏ صدر ??و استقبال ڪيو. ايوان ??در ??ي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر کي گورنر هائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. بعد ۾ صدر ??لوچستان ??ي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.