اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تم??م گهڻا موقعا موجود آهن. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ??حمد سعيد سرور سان ملاقات ??ور??ن ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير ??ئين ذميوارين تي سعيد سرور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تم??م گهڻا موقعا موجود آهن.