ماسڪو – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يوڪري?? جي تڪرار کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ان تڪرار جا معاشي اثر درپيش آهن، اسان جو پڪو يقين آهي ته سمورن تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيون ڪي رڪاوٽون نه آهن جن تي سفارتڪاري ڪامياب نه ٿي سگهي، روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا ٻطرفن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ اهم آهن، پاڪستان روس لاڳاپا پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينه?? جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس جي سفارتڪاري جي مضبوط روايت تڪرار جي پرامن حل ۾ مدد ڪندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روسي فيڊريشن سان اعليٰ سطحي رابطا جاري رکندو. پنهنجي روسي هم منصب سان ٿيندڙ ملاقات کان ميڊيا کي آگاهه ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن 7 علائقائي معامل?? جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي سفارتي لاڳاپ?? جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان روس سان واپار، سلامتي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابط?? جي شعبن ۾ تعاون کي وڌي?? مضبوط بڻائڻ جو خو??هش??ند آهي. هن ثمرقند ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽ?? جي وچ ۾ سربراهه ملاقات ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺين بين الحڪومتي ڪميش?? جي اجلاس جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ واپار، معيشت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملاقات دوران هن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفي تعاون تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ افغانستان تي بهتر تعاون آهي ۽ اهي جنگ کان متاثر ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو هدف حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪ روس توانائي تعاون بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? جي موجوده حڪومت ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان روس آمريڪا يورپ سان پنهنجي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهو ته هو مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ تڪرار?? جي پرامن حل تي زور ڏي ٿو، روسي پرڏيهي وزير سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس سان واپار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خو??هش??ند آهيون، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ گرمجوشي موجود آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ دعوت تي روسي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ اٺين بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي پرڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني معيشت ٻوڏ جي ڪري شديد متاثر ٿي. هن چيو ته روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خو??هش??ند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پاڪستان سان پنهنجي فوجي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مشقن ۽ فوجي تربيت سميت باقاعده فوجي رابطو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خطي مان دهشتگردي جي خاتمي جو سڌوسنئون تعلق افغانستان سان آهي، هن ان مقصد جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم خاص طور تي افغانستان بابت ا?? جي رابطا گروپ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزير پشاور جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ملاقات دوران هن انساني، ثقافتي ۽ تعليمي رابطا قائم ڪرڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيش?? جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌي?? مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستا?? جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪنداسين. روسي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاو?? جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي. سرگئي لاروف چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.