اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ ش??يد?? جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن ش??يد?? جي وارثنس ان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن ش??يد?? کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ ش??يد?? جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي ش??يد?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ش??يد?? جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.