راولپنڊي – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ??هي ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو ره??و ??هي. هو نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 23 جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب صدر قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ڪئي. هن چ??و ??ه قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صدر شرڪت ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ کي تازي اڳڀرائي خاص طور تي آءِ ٽي، اي آئي ۽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ اڳڀرائي کان باخبر رکن. مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ۽ خاص طور تي ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊه جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو ره??و ??هي. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ سخت محنت ڪن. صدر مستقبل جي چئلينجن موجب مستقبل جي قيادت کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ تي نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي کي ساراهيو.