اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن ج?? دوري تي افغانستان ??ي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب افغانستان ??ي مع??شت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئ??. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دور?? دوران ??فغانستان ??ي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ??ياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.