اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلم کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي دنيا کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پوند??. ا??ا ڳالهه ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميرين جي خراب حالت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت جي لاءِ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ تصويرن جي ??ما??ش کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ سياهه ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، هي ڏينهن هر سال ڀارت جي والاريل واديءَ ۾ غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته ??ما??ش جو بنيادي مقصد ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي مسئلي بابت شاگردن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هن تصويري ??ما??ش ۾ شاگردن جي اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پنهنجي تصويرن ذريعي ڪشميري عوام جي ڏکن جي واضح عڪاسي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڀارتي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي ظلمن کي دنيا ۾ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن تصويري ??ما??ش منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ڪوششن کي ساراهي??. ا?? موقعي تي اطلاعات ??اري سيڪريٽري تصويرن جو مقابلو کٽيندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ۽ کين مبارڪُون ڏنيُون.