اسل??م آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کا?? آگاهه ڪيو۔ هن چيو ??ه ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کا?? ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کا??سواءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت کا?? معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهر?? وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عو??م آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کا?? پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.