اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اسٽريٽج?? ريفارمز يونٽ انساني حقن واري وزارت جي تعاون سا?? کدڙن فقيرن جي لاءِ شڪايت داخل ڪرائڻ جو مرڪزي مئنيجمينٽ سسٽم لانچ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهو نظام کدڙا فقير شهرين کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان وزيراعظم جي انيشي ايٽو تحت متعارف ڪرايو ويو آهي. کدڙا فقير ڪميونٽي پاڪستان جي سڀ کان پٺتي پيل ڪميونٽيز مان هڪ آهي، جن کي اڪثر انهن جي خاندانن ۽ معاشري پاران رد ڪيو وڃ?? ٿو. انهن کي جسماني ۽ ذهني طور تي تمام وڌيڪ امتيازي سلوڪ ۽ تشدد درپيش آهي. کدڙن فقيرن کي سوشل ميڊيا تي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو وڃ?? ٿو ۽ انهن تي تشدد ۽ حملن جا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا جڏهن ته پوليس کي ان جي اطلاع گهٽ ئي ملي ٿي. گذريل 5 مهينن ۾ کدڙن فقيرن جي قتل جي واقعن ۾ به ا??اف?? ڏٺو ويو آهي. اهم مسئلو اهو آهي ته انهن وٽ اهڙا خاندان نه آهن جيڪي انهن کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن، ان جي لاءِ انهن سان بدسلوڪي ۽ حادثا ناقابل ڌيان ۽ لڪل رهجي وڃ?? ٿا. کدڙا فقير شهرين جي ش??ايتن جي انتظام جو نظام شڪايت جي ازالي جي عمل کي هموار ۽ مرڪزي بڻائڻ ۾ اڳڀرائي آهي. اهو نظام انساني حقن جي وفاقي وزارت ۽ لاڳاپيل اي آئي جي آفيس کي سڄي ملڪ ۾ کدڙن فقيرن جي سوالن ۽ شڪايتن جو فوري ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قابل بڻائيندو. ٽرانس جينڊر ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ پورٽل web.citizenportal.gov.pk تي لائيو آهي جتي کدڙا فقير شهري ڪنهن به مسئلي بابت سڌوسنئون پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ 1099 تي ڪال به ڪري سگهن ٿا. لاڳاپيل اي آئي جي آفيس جي ذريعي ش??ايت تي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان جو ازالو ڪيو ويندو. انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده کدڙن فقيرن جي ش??ايتن جي انتظام جي نظام جو افتتاح ڪندي چيو ته اسان جو ڌيان خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ اڳ کان موجود انتظامن کي بهتر بڻائڻ تي آهي جن ۾ ٽريڪنگ، درجابندي، نگراني ۽ ريسپانس جي لاءِ مناسب مڪينزم جي فراهمي شامل آهي. هي نظام کدڙن فقيرن بابت شڪايتن جو هڪ متفقه موقف فراهم ڪندو. وزيراعظم جي اسٽريٽج?? ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم اقليتن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقي جي سهولت لاءِ تمام گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ هي قدم کدڙن فقيرن کي سهولت فراهم ڪندو ۽ هراسان ڪرڻ/ تشدد ۽ ٻين مسئلن جي واقعن جي امڪانن کي روڪيندو. جيڪڏهن شڪايتن کي مقرر ريوليوشن ٽائيم فريم ۾ حل نه ٿو ڪيو وڃ?? ته اهو نظام ۾ موجود هڪ فيچر شڪايت کي سڌوسنئون سربراهه، وزيراعظم جي اسٽريٽج?? ريفارمز ۽ لاڳاپيل آءِ جي آفيس تائين پهچائي ٿو. هن چيو ته هن سسٽم کي سمورين گهربل خاصيتن سان ليس ڪيو ويو آهي جنهن کي منفرد رجسٽريشن نمبر جي ذريعي اسٽيٽس ٽريڪنگ، ا??اف?? ۽ بندش جي رسيد، ته جيئن تجربي کي صارف دوست بڻائي سگهجي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري افضل لطيف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو آئين ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته سمورن شهرين سان برابر سلوڪ ڪيو وڃ??. هن چيو ته ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سسٽم صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي جنهن سا?? کدڙا فقير برادري ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو. کدڙا فقير برادري جي اهم اڳواڻ ناياب علي خطاب ڪندي چيو ته هيلپ لائين جي قيام تي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي آئي?? کدڙن فقيرن کي سمورا حق ڏنا آهن. بدقسمتي سان هر ميدان ۾ کدڙن فقيرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزانو کدڙن فقيرن جي قتل ۽ زيادتي جا واقعا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا جڏهن ته اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي وڃي ش??ايتن جو سنجيدگي سان ازالو ٿئي. هن هيلپ لائين جي قيام سان اسان جي برادري کي هڪ بهترين فورم ميسر آيو آهي جتي اهي بنا هٻڪ جي رابطو ڪري پنهنجي ش??ايتن جي داخلا ڪرائي سگهن ٿا. هي پنهنجي نوعيت جو واحد پليٽ فارم آهي جنهن سان اسان جي برادري کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته هن قدم تي آئون پنهنجي سموري کدڙا فقير برادري پاران وزيراعظم، سلمان صوفي ۽ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري جا ٿورا مڃان ٿي.