اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي فيلڊ اسپتال سميت امداد جي فر??همي تي قطر جي امير شيخ ت??يم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 93 رڪن?? عملي سان هڪ فيلڊ اسپتال سميت انساني همدردي جي بنياد تي سامان جي فر??همي تي پنهنجي ڀاءُ قطر جي امير شيخ ت??يم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃي ٿو. هن چيو ته اها فيلڊ اسپتال سنڌ ۾ ڪم ڪندي. اسان خيرسگالي جي ان جذبي تي قطر جي امير جا ٿورائتا آهيون.