اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ??يف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ??يف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽ?? اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ??يف آر سي سي موجب دوري دوران وفاقي وزيرن ۽ ٻين ??عليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي لاءِ مستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آبادي جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي لاءِ خوراڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهمي جي منصوبن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي لاءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان قومي آفت دوران سول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آرمڊ فورسز بشمول پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور سان گڏجي هٿياربند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ??وش??ن کي ساراهيو. بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال جي لاءِ اين ??يڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان آرمي جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري سان ڪم کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آهي جيڪي ان قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم هاءِ وي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي لاءِ ڏينهن را?? ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان هڪ ٺوس قومي ??وش?? ذريعي ئي ان قدرتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چئلينج تمام وڏو آهي پر هي متحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل دوران پاڪستان سان را??طو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت سان مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ??وش??ن تي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا.