مظفر ڳڙهه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضعي هيڊڪوارٽر مظفر ڳڙهه ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ و??لا??يل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ٻاهران 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جي قيادت ۾ ڊي سي آفيس کان ضلعي ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو محمد شاهه رخ، اسسٽنٽ ڪمشنر مظفر ڳڙهه جميل حيدر شاهه، سي اي او ت??ليم مسعود نديم، ريسڪيو 1122 مان اسامه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد اڪرم تڪير، مولانا عبدالمعبود آزاد، واپاري ??نظ??م مان امير حسن، ??يخ عامر سليم، راڻا محمد افضل، ابو هريره، سماجي عورت ڪارڪن ڪلثوم سيال سميت ضلعي کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، وڪيلن، ??ول سوسائٽي جي نمائندن، ??حافين، ??ستادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.