اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??صوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙو ملهائيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي ??مايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ??ندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام انهن جي ??ودمختياري جي ??ق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ??لمن جي ??لاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي ??يرآئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي ??مورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي ??لاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ??لاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. ??ول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي ??لاف انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ بين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي ??اموشي اختيار ڪئي ويندي، ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي ??اموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي ??هم رستن تي ڪشميرين جي ??راب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019ع جي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي ??ڪومت ڀارتي آئين جي ??رٽيڪل 370 ۽ اي 35 کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.