اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ راءِ ڪوٽ سيڪشن)، بابو سر ٽنل ۽ خضدار ڪچلاڪ روڊ تي ڪم جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن لاءِ ڪنٽريڪٽ ڏيڻ جي طريقي??ار کي وڌيڪ شفاف بڻايو وڃي، گذريل چئن سالن ۾ ترقي جو سفر مجرماڻي غفلت جي نتيجي ۾ روڪيو وي??، عالمي ڪمپنين جي تصديق لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کان مدد حاصل ڪئي وڃي، ملڪ ترقياتي منصوبن ۾ وڌيڪ رنڊڪ جو سٽ نٿو سگهي ٿي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري شاهراهن جي تعميراتي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ، مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جو صلاح??ار احد چيمه، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ پروڪيومنٽ جي طريقي??ار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏني ۽ چيو ته لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ قوم جو وقت ۽ پئسو بچائڻ جي هر ممڪن ڪوششن ڪن، وزيراعظم کي سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو وي??، اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ايم سڪس سکر حيدرآباد موٽر وي ڪراچي پشاور موٽروي جو اهم سيڪشن آهي جنهن تي ڪم گذريل حڪومت جي سستي جي ڪري دير جو ش??ار رهيو، 306 ڪلوميٽر ڊگهو 6 لائين واري موٽر وي 15 انٽرچينجز سان 6 ضلعن مان گذرندو، موٽر وي جي قيام سان سفر جو وقت گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻارڻ جي بچت ۽ پ??ري پاڪستان کان برآمدات جي ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ ۾ آساني پيدا ٿيندي، منصوبي جتي ڪم 6 مهينن جي اندر شروع ڪيو وي??دو جنهن جي تڪميل 2.5 سال ۾ ٿيندي، 250 ڪلوميٽر قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ راءِ ڪوٽ سيڪشن) جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ان جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم جاري آهي جنهن کي 7 مهينن دوران مڪمل ڪيو وي??دو جنهن سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ٽريفڪ جي وهڪري ۾ آساني ۽ داسو ۽ ديامرڀاشا ڊيمز جي تعمير جي ڪري متبادل رستو ميسر ٿيندو، بابو سر ٽنل جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ٽنل کانسواءِ 66 ڪلوميٽر روڊ جي مڪمل سيڪشن تعمير ۽ موجوده روڊ جي بحالي جو ڪم ڪيو وي??دو، شاهراهه جي ان حصي ۾ سردي جي موسم جي برفباري دوران ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ رواني لاءِ سنوگيلريز به ت??يم?? ڪئي وي??دي، وزيراعظم ان منصوبي کي اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي عالمي معيار موجب منصوبي جي تڪميل جون هدايتون جاري ڪيون، وزيراعظم کي پروڪيورمنٽ جي طريقي??ار جي حوالي سان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو وي??. وزيراعظم پروڪيورمنٽ جي طريقي??ار کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ جامع تجويزون جوڙڻ لاءِ 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير، هائوسنگ وارو وزير، ايم ڊي پيپرا، پي اي سي جو چيئرمين شامل هوندا، وزيراعظم ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر لائحه عمل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.