اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پا??لي??مينٽ ڏکڻ ايش??ا جي پهرين پا??لي??مينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽيڪ ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پا??لي??مينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس مت??ارف ڪرائن ??ان ڏکڻ ايش??ا جي پهرين پيپر ليس پا??لي??مينٽ ٺهي ويندي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پا??لي??مينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پا??لي??مينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽيڪ ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پا??لي??مينٽ ڏکڻ ايش??ا جي پهرين پا??لي??مينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪ ويلي پا??لي??مينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.