اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل ب??هه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علائقي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ب??هه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علائقي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪ??يٽ??ي بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سيڪ??يٽ??ي ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علائقي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، ز??غون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ ب??هه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سيڪ??يٽ??ي جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ب??هه جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي ب??هه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فر??هم ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فر??هم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.