اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خ??ش?? جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوش?? جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پ??ڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خ??اهشن تي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته ??نهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.