جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف ۽ سع??دي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ?? جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سع??دي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شر??ف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شر??ف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سع??دي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سع??دي ولي عهد سع??دي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبر?? سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ?? ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شر??ڪ ٿيا، سع??دي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سع??دي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .