اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اعتراض آهي ته وزيراعظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وزيراعظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ ??کي?? ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿ?? ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيراعظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چي?? ته وزيراعظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو ه?? ته بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چي?? ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيراعظم مون کي چي?? ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسان اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چي?? ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ ??کي?? لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتمادي سان جڙيل آهي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چي?? ته ان خط جي تاريخ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آهي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ ??کي?? ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿ?? ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چي?? ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي اي?? ظاهر آهي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چي?? ته 27 مارچ جي جلسي ۾ ??کي?? ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چي?? ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتمادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي اي?? جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چي?? ته وزيراعظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن کي خبر نه آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چي?? ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آهي.