??سل??م آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??سل??مي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل اجلاس ج?? ميزباني ??اڪ??تان جي لاءِ فخر ج??ڳي آهي، او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، ??سل??مو فوبيا جي معاملي تي و??يراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي و??ير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??سل??م آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻين ملڪن جي پرڏيهي و??يرن جي آمد متوقع آهي، او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي اجلاس ج?? ميزباني ??اڪ??تان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊا آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي و??پس ويندا. پرڏيهي و??ير چيو ته ??اڪ??تان او آءِ سي جو بان?? ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ ??اڪ??تان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي ??اڪ??تان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيهي و??ير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ??سل??مو فوبيا جي معاملي تي و??يراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ ??سل??مو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن ??سل??مو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي ??سل??مو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.