اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان حڪومت ملندي ئي روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، هلندڙ سال جولاءِ کان فيبروري ايڪسپورٽس جو ڪاٿو 20.552 بلين ڊالرز آهي جيڪو گذريل سال جي 16.324 ارب ڊالرز کان 26 ??يڪ??و رڪارڊ اضافو آهي. مملڪتي وزي?? پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته انشاءَ الله هن سال روانگي واپار ۾ تاريخي اضافو ٿيندو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ جي 5 سالا دور ۾ ايڪسپورٽس وڌڻ بدران گهٽ ٿي وئي هئي.