اسلام آب??د – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آب??دي ۽ اسلام آب??د جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي سيڙپڪاري سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آب??د ۾ هائي رائز (ڊگهين عمارتن) جي منصوبن جي حوا??ي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گادي واري شهر ۾ وڌندڙ آب??دي ۽ اسلام آب??د جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ ڊگهيون عمارتون تعمير ڪرڻ ضروري آهي. هن ??يو ته حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ محفوظ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري رهي آهي، ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن سان قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو جيڪو ٻين فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري سگهبو. هن ??يو ته گادي وارو شهر ملڪ جي سڃاڻپ هوندو آهي، ان جي لاءِ اسلام آب??د کي جديد سهولتن سان ليس شهر بڻائڻو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زمينن جي وڪري ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيا وڃن. قبضي مافيا ۽ ناجائز قبضن جي خلاف قدمن ۾ تيزي آندي وڃي، اسلام آب??د ڪرڪيٽ اسٽيڊيم منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آب??د ۾ 3 هائي رائز عمارتن جي تعمير جي منصوبابندي ٿي رهي آهي جن ۾ مجموعي طور تي اپارٽمينٽس جو انگ 14400 هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهرين خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سي ڊي اي جديد سهولتن سان ليس ون ونڊو سينٽر فعال ڪري ڇڏيو آهي. ان سينٽر ۾ پراپرٽي جي منتقلي ۽ ٻين شهري سهولتن بابت ڊيجيٽل پورٽل ميسر آهي جنهن سان مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل ۾ مدد ملندي.