اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، اسلام وراثت ۾ عورتن کي حق ڏنا آهن، عورتن جي تعليم جي حوالي سان احساس پروگرام انتهائي موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عورتون آءِ ٽي جي ذريعي گهر ويٺي روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار صنفي برابري جي موضوع تي ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام آڪسفيم پاڪستان ڪيو هو جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي ??سي??بلي جي ميمبرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن، آڪسفيم جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي نمائندن تي زور ڏنو ته اهي صنفي برابري ۽ عورتن کي معاشي طور تي ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ عورتن جي رهنمائي ڪن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عورتن کي گهر ويٺي بااختيار بڻايو آهي ۽ اهي پاڻ روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر چيو ته عورتن کي وراثت سميت انهن جا حق ڏيڻ جي لاءِ معاشري ۾ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، حڪومت احساس پروگرام ۾ عورتن کي معاشي طور تي ??ضبوط بنائڻ تي ??نهنجو ڌيان ڏنو آهي. صدر چيو ته تعليم کانسواءِ عورتن جي ترقي ممڪن نه آهي، بئنڪون عورتن کي ڪاروبار جي لاءِ 10 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏئي رهيون آهن، ملڪ ۾ عورتن کي بنيادي سطح ۽ ??سي??بلين ۾ نمائندگي حاصل آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي مذهب جي نالي تي ??شانو بڻايو پيو وڃي، اسلام برابري جو درس ڏي ٿو، اسلام ڪنهن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي.