اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ??يهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پ??ريون ڀيرو مخ??لف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو ويو ته اسپيڪر حڪومتي ۽ مخ??لف ڌر ميمبرن کي ??اري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪومت جي عددي اڪثريت 168 جڏهن ته مخ??لف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ت??ميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخ??لف ڌر اسپيڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي ت??ت ايوان جي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخ??لف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ??و، مخ??لف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير ح??ين جڏهن ته حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخ??لف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي ??اري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخ??لف ڌر جي ت??ميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخ??لف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ??نهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شماري ۾ به مخ??لف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخ??لف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.