اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فنانس بل جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ميمبرن کي حق ??هي ته پيش ڪيل بل بابت کين آگاهه ڪيو وڃي. حڪومتي پارلياماني پارٽي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته فنانس بل جي حوالي سان ناڻي واري وزير ميمبرن جي سو??لن جا جواب ڏنا جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ اي??ٽ ۾ ترميم جي حوالي سان شڪ شبهن کي ختم ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پارليامينٽ کي ??هو حق ??اصل آهي ته جيڪڏهن ڪٿي قانوني جهول کي ختم ڪرڻ ضروري هجي ته سادي اڪثريت سان ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اي??ٽ ۾ ترميم جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو، ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ به فنانس بل تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.