اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آء?? سي مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اف??انستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، عالمي برادري، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي. اهي ڳالهيون هن او آء?? سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ڪيون جنهن وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل او آء?? سي جو منصب سنڀالڻ تي حسين ابراهيم طحهٰ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان کي اميد آهي ته او آء?? سي توهان جي رهنمائي ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ فعال ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ته او آء?? سي جي باني رڪن طور تي، پاڪستان تنظيم جي قدرن ۽ مقصدن جي پاسداري لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان او آء?? سي کي امت جو واحد ۽ موثر آواز جي طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ به پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان 22 -23 مارچ 2022ع تي او آء?? سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني جو منتظر آهي، هڪٻئي پويان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. پاڪستان او آء?? سي جي مختلف ميمبر ملڪن سان گڏيل طور تي سائنسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو، ان سلسلي ۾، آء?? سي ٽي، طب، تعليم، وڏي صنعتي ۽ زرعي مشينري جي مٽاسٽا پاڪستان جي خصوصي دلچسپي جي شعبا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته او آء?? سي، مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ هڪ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. انهن مقصدن کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻو پوندو. شاهه محمود قريشي اف??انستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اف??انستان ۾ 40 سال کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ اف??انين کي مفاهمت ۽ نئين سر تعمير جي قابل بڻائڻ جو هڪ موقعو موجود آهي. اف??انستان سان عالمي برادري جي سفارتي ۽ سياسي رابطا اف??انستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام حاصل ڪ??ڻ لاءِ اڻٽر آهن، عالمي برادري جي اميدن ۽ اف??انستان ۾ زميني حقيقتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اف??انستان جي معيشت کي شديد چئلينجز درپيش آهن، اف??انستان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي طور تي اف??انستان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پاڪستان گڏيل قومن ۽ اف??انستان کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو خواهشمند ٻين ادارن جي ذريعي اف??انستان کي عالمي انساني امداد جي فراهمي ۾ مدد لاءِ تيار آهي. اسان سمجهون ٿا ته انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي کي مشروط ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته اف??ان معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سسٽم جي بحالي لاءِ ميڪنزم ڳولڻ جي ضرورت آهي. اف??انستان ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ، نئين سري سان تڪرارن کي روڪڻ ۽ اف??ان پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا، پرڏيهي وزير او آء?? سي جي جنرل س??ڪريٽري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀارتي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي جي امن امان کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪشميرين جي لاءِ او آء?? سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا. او آء?? سي جي قراردادن ۽ بيانن سان معصوم ڪشميرين جي حوصلا اف??ائي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته پنج آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ، ڀارت والاريل ڪ??مير ۾ آبادياتي تناسب کي غير قانوني طور تي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هندستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوجين جي ذريعي، انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بدستور جاري آهن، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ معصوم ڪشميري او آء?? سي طرف ڏسي رهيا آهن، آئون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي ڀارتي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ توهان سان بطور او آء?? سي جي جنرل س??ڪرِيٽري ذاتي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻ جي درخواست ڪندس، پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب، ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو گهرجائو آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي.