تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حس??ني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽ?? حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪ??دو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪ??دو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪ??دو.