اسلا?? آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذ??ني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذ??ني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذ??ني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاندان جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي ف??اهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي ف??اهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار م??يض?? جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن م??يض?? جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح م??يض?? جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال ??کڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.