پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ جاري سانوڻي دوران ??يل?? جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ ??وث?? عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ??يل?? وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ??يل?? وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سانوڻي دوران وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان ??وث?? مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ??يل?? جي دائري ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ??يل?? جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل منصوبي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن چيو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ??يل?? تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي دوران وڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن چيو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن چيو ته گرين پاڪستان مهم تحت کنيل قدم، ??يل?? جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان کي جاري سانوڻي مند دوران وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي منصوبي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ ??لد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دوران کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو ويندو جتي حڪومتي منصوبي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ??يل?? ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.