اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار سميت هر شعبي ۾ تعاون جاري آهي، چين جي سائنسي ترقي ۽ غربت جو خاتمو پاڪستان لاءِ قابل تقليد آهي، سي پيڪ جي ذريعي چين پاڪستان جي رستي سڄي دنيا سان واپار کي فروغ ڏئي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن پاڪستان چين سفارتي ??اڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ??رچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪست??ن ۾ چين جي سفارتخاني ۽ پرڏيهي وزارت گڏيل طور تي ان تقريب جو اهتمام ڪيو هو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ جو پيغام اميد افزا آهي، هن چيو ته 21 مئي 1951ع تاريخي موقعو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ??اڳاپا قائم ٿيا، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، وقت سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئون رخ مليو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ??ڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ??ولاد کان وڌيڪ مضبوط آهي، ٻئي ملڪ مستبل ۾ خوشحال ۽ امن تي ??قين رکندا آهن، هن چيو ته چين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ??ين شعبن ۾ ترقي ڪئي آهي، 800 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، اسان به ملڪي ترقي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بهتري ۽ ملڪ مان هيٺين سطح تي غربت جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، چين جي سائنسي ترقي ۽ غربت جو خاتمو پاڪستان لاءِ قابل تقليد آهي، صدر چيو ته چين سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار سميت هر شعي ۾ تعاون جاري آهي، چين پاڪستان جو وڏو حصيدار ۽ ??ن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪ آهي، هن چيو ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، ان منصوبي تحت پاڪست??ن ۾ خصوصي ??قتصادي زونز جو قيام، رستن جي تعمير ۽ مرمت، توانائي سميت ??ين منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، سي پيڪ جي ذريعي چين پاڪستان جي رستي سڄي دنيا سان واپار کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه سان وچ ايشيائي ملڪن کي گوادر بندرگاهه تائين پهچ جو موقعو ملندو، اسان گڏيل ڪوششن سان دنيا کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا، صدر چيو ته پاڪستان ۽ چيني عوام جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن، ثقافتي ??اڳاپن کي فروغ ڏنو پيو وڃي، چين جي پاڪستان سان 17 گڏيل صوبا ۽ 14 گڏيل شهر آهن، 30 هزار پاڪستاني شاگرد چين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪست??ن ۾ چار ڪنفيوسشس انسٽيٽيوٽ ڪم ڪري رهيا آهن. هن