اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪا??ي وا??ي وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صد??رت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪا??ي وا??ي وز??رت مان جاري بيان موجب نجڪا??ي وا??ي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صد??رت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪا??ي و??ي وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪا??ي واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ??ئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.