اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان حڪومت سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جي جائزي ۽ ترقي جي لاءِ نئين ??روموشن پاليسي جوڙي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪارڪردگي ٺاهي پاڪستان، سول سروس ريفارمز جي عنوان سان نئين ??روموشن پاليسي جي حوالي سان ٻڌايو ته ان پاليسي تحت 1300 کان وڌيڪ آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو شروع ٿي چڪو آهي.