اسلام آباد – 08 اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپ??رٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب و??ولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.