اسل??م آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ??اب??نا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت 1800 ??پيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ملز جي لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت ليٽر آف ڪريڊٽ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??اب??نا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ح??اد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.