اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ??ا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر مم??ن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ??ا ته ڪشميرين جي هر مم??ن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهريار آفريدي چي?? ته اهو ئي سبب آهي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ??ا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ??ا، نظريو پاڪستان ئي قيام پاڪستان جو بنياد ب??يو?? جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي.