اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل اوپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ الي??شن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ لا??ِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ٽي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبوت موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شفافيت جي عمل کي يقين?? بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي الي??شن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.