اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ گجرات ۽ منڊي بهاءُ ??لد??ن ۾ عوامي رليف جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ سياسي معاملن واري خاص معاون ملڪ عامر ڊ??گر، قومي اسيمبلي ميمبر حاجي امتياز احمد ۽ شوڪت علي ڀٽي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان اختر حيات، طارق تارڙ، چوڌري گلريز افضل چن، محمد ارشد چوڌري ۽ ليا??ت بدر کانسواءِ چوڌري اعجاز ۽ نذر محمد گوندل شامل هئا.