اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظو??ي ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هد??يت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپي?? آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظو??ي ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپي?? آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ??م شروع ڪرڻ جي به هد??يت ڪئي.