اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي ام??ن گنڊاپور احتجاج جو صحيح طريقو نيٺ اختيار ڪري ورتو، مهذب معاشرن ۾ احتجاج پرامن ئي هوندو آهي ۽ ڪم به هلندو رهندو آهي، زندگي مفلوج نه ٿيندي آهي. علي ام??ن گنڊاپور جي بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران 10 مهينن ۾ پهريون ڀيرو احتجاج جو صحيح انداز اختيار ڪرڻ ساراهه ج??ڳو آهي، ڪاش هو 26 نومبر ۽ 9 مئي تي به چڙهائي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرڻ بدران ائين ئي ”اوو اوو“ ڪري احتجاج ڪن ها. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته انتشار، فساد?? جلاءُ گهيراءُ توهان جو شيوو آهي.