اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي ??زير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي مڪمل صلاحيت کي کولڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??ريو آهي. آءِ ٽي وزارت ما?? جاري بيان موجب اسٽار لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي حوالي سان مملڪتي ??زير جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ اسٽار لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چيئرمين پاڪستان اسپيس ايڪٽ??وٽ?? ريگيوليٽري بورڊ عامر سرفراز احمد، چيئرمين اسپارڪو محمد يوسف خان، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽيليڪام جي ميمبر جهانزيب رحيم ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽ??وٽ?? کي وڌائڻ ۽ فني جدت کي اڳيان وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.