اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ڪوشش آهي جاري مالي سال جي ??ڄاڻيءَ تائين اهو عمل مڪمل ٿئي، 60 سيڪڙو خالي ريگيولر پوسٽن کي ختم يا ڊائننگ پوسٽون قرار ڏنو ويو آهي جن جو انگ ڏيڍ لک جي ??ڳ ڀڳ آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه ان جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنرل نان ڪور سروسز (مڪينڪ، پلمبنگ ۽ ڪارڊنر) جي ??وسٽن کي آئوٽ سروس ڪيو ويندو ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻي سگهجي. ڪنٽين جينسي پوسٽن ??ي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي وزارت سمورن حڪومتي ادارن ۽ کاتن جي ڪيش بيلنس جي ??ڌيءَ ريت نگراني ڪندي، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي ??نگ ??ي گهٽ ڪري 40 ڪيو ويندو، ??ئي مرحلي ۾ 25 ادارن کي وائنڊ اپ ڪيو ويندو، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي ??ي گهٽ جڏهن ته 9 ادارن کي ضم ڪيو ويندو. ڪالهه پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين سينيئر عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 6-7 مهينن ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ تي اسان جي ??وجهه رهي آهي، پاڪستان جي ??عيشت بهتر حالت ۾ آهي، اسان جا سڄا هدف درست رُخ ۾ جاري آهن، جٽادار اؤسر لاءِ هڪ بنياد رکي ڇڏيو آهي، ڪوشش آهي ته بوم اينڊ بسٽ سائيڪل کان نڪري وڃون، هاڻ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف اسان جو ڌيان آهي. هن چيو ته حڪومت نجي ??عبي جي ??يادت ۾ معيشٽ کي اڳيان وٺي وڃڻ تي يقين رکي ٿي، ڍانچي جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ڪسٽم ۾ فيس ليس انٽر ايڪشن جو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، وزيراعظم ان جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدمن جو سلسلو جاري آهي، وفاقي حڪومت جي ??ائٽ سائزنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان ان ڳالهه تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته حڪومتي ڳاڻيٽي ۽ خرچن کي ڪيئن گهٽ ڪجي، جون 2024ع ۾ وزيراعظم رائٽ سائزنگ جي ڪميٽي بڻائي هئي، ڪميٽيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ??يمبرن کان علاوه سينيئر عملدار به شامل هئا، جڏهن ته نجي ??عبي کي به نمائندگي ڏني وئي آهي، ان ڪميٽيءَ جي ??ي او آرز جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچن ۾ گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن وسيلن کي بهتر مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ڪميٽي سمورين وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي ??فاديت جو جائزو وٺندي آهي، 43 وزارتن ۽ 400 ذيلي ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ٿو، انهن ادارن جا 900 ارب جا خرچ بڻجن ٿا. هن چيو ته رائٽ سائزنگ جو عمل مرحليوار بنيادن تي اڳيان وڌايو پيو وڃي، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن ۽ ضم ٿيل ادارن کي سڏايو ويو جن ۾ ڪشمير معاملن ۽ سيفران واري وزارت، آءِ ٽي، صنعت ۽ پيداوار، قومي صحت ۽ خدمت ۽ ڪيڊ شامل هيون، اسان نه صرف وزارتن پر کاتن کي به تفصيل سان ٻُڌو. هڪ هڪ وزارت سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو صلاح مشورو ٿيو ۽ ان کانپوءِ فيصله سازي ٿي، فيصلن کي وزيراعظم ۽ ڪابينه وٽ کنيو ويندو آهي ۽ وزيراعظم جي ??هنمائي حاصل ڪئي ويندي آهي، انهن فيصلن تي هاڻ عملدرآمد جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن ۽ ذيلي ادارن جي ??والي سان ڪالهه هڪ ميٽنگ ٿي، ڪشمير ۽ سيفران معاملن واري وزارت کي ضم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪيڊ کي ختم ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ 6 وزارتن جي 80 ادارن جي ??نگ ??ي گهٽ ڪري 40 ڪيو ويندو، ??ئي مرحلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 60 ادارن بابت فيصلا ٿيا آهن، 25 ادارن کي وائنڊ اپ ڪيو ويندو، 20 ادارن جي ڳاڻيٽي ??ي گهٽ ڪيو ويندو جڏهن ته 9 ادارن کي ضم ڪيو پيو وڃي، ٽئين مرحلي ۾ وفاقي تعليم واري وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت، نيشنل هيريٽج اينڊ ڪلچر، ناڻي ۽ پاور واري وزارت شامل آهن، انهن ادارن سان به ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، رائٽ سائزنگ جو ڪم جاري مالي سال جي ??خر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي پائيدار بڻائڻ آهي، نجي ??عبي کي ملڪ جي ??يادت ڪرڻي آهي، نجي ??عبو بهتر هوندو ته روزگار جا موقعا وڌيڪ فراهم ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ اهڙو بينچ مارڪ مقرر ڪري ٿو، جيڪو ملڪ لاءِ سُٺو هجي ??ه اسان کي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهوئي ملڪي مفاد ۾ هوندو آهي. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جو ڳاڻيٽو گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن قدمن جي ??تيجي ۾ بجيٽ تي سُٺا اثر جڙندا، اسان جي ??رضن جي ??دائگي ۾ بهتري آئي آهي، پهريون ڀيرو پينشن سڌارن تي عملدرآمد جي ??روعات ٿي چڪي آهي جنهن سان آهستي آهستي بهتري ايندي. هن چيو ته وزيراعظم جي ??يزن موجب سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن حڪومت تي بار گهٽ ٿي سگهي، ايس او پيز سڌارن ۾ ڪنهن به وزارت کي ڇوٽ حاصل ناهي، سمورن وزارن کي ڪارڪردگيءَ جي ??نياد تي ڏسي رهيا آهيون، رائٽ سائزنگ جو عمل شفاف طريقي سان ٿي رهيو آهي ۽ ان سان حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي به بهتر بڻايو ويندو. جون 2025ع تائين رائٽ سائزنگ جو عمل ڪرڻو آهي. ان موقعي تي بلال اظهر ڪياني چيو ته ڪيترن ئي وفاقي ادارن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي، ان سڄي عمل جو بنيادي مقصد اهو آهي ته خرچن ??ي گهٽ ڪري سگهجي، رائٽ سائزنگ جو مقصد حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت ۾ واڌ ڪرڻ آهي، وزيراعظم ان سڄي عمل جي ??گراني ڪري رهيو آهي.