اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرسمس انسانيت لاءِ هڪ آفاقي پيغام آڻي ٿي ۽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن کي محبت، سخاوت، رحم، اتحاد ۽ اميد جي ترغيب ڏياري ٿي. ڪرسمس جو ڏينهن حضرت عيسيٰ جي ولادت جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، اوهان جي محبت، همدردي ۽ امن جو پيغام اڄ به اسان جي حوصله افزائي ۽ رهنمائي ڪري رهي آهي، هي آفاقي پيغام اسان کي هڪ جامع ۽ پر امن معاشرو قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي سندن مذهبن جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ کين عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجي عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي ڏئي ٿو. قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور ڏنو جتي سمورن مذهبن جا ماڻهو برابري جي بنياد تي ترقي ڪري سگهن، قومي يڪجهتي ۽ ترقي لاءِ سمورن شهرين جي حقن جي ??اس??اري اڻٽر آهي. اڄ جي ڏينهن اسان پاڪستان جي ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار جو به اعتراف ڪيون ٿا، هنن تعليم، صحت، ڪميونٽي سروس، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. مسيحي برادري جو ڪردار اسان جي قوم جي مختلف مذهبن جو ثبوت آهي ۽ اهو سبب سڀني پاڪستانين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مذهبي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عهد جي تجديد ڪيون، اسان کي عدم برداشت ۽ اڻ برابريءَ سلوڪ جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو پوندو ته پاڪستان ۾ هر شخص جي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ۽ هو پاڻ کي محفوظ تصور ڪري. ڪرسمس جو ڏڻ اسان کي درس ڏئي ٿو ته ضرورتمندن سميت هڪ ٻئي طرف دوستي ۽ يڪجهتي جو هٿ وڌايون. اچو اسان ان ئي جذبي کي کڻي سڄي سال امن، انصاف ۽ همدردي تي ٻڌل معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. دعا آهي ته هي ڪرسمس اسان جي مسيحي برادري لاءِ خوشي، خ??شح??لي ۽ اميد کڻي اچي.