اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار ڏيندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آه??. هو اسلام آباد ۾ يو اي اي جي 53هين قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان ۾ يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي، سفارتي برادري جي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان يو اي اي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سياحت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آه??. هن يو اي اي جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي معيشت بشمول پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين موقعن سان ڀرپور شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڇو ته ملڪ هڪ اهڙو سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪ – يو اي اي لاڳاپا هڪ قابل اعتماد اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اچي چڪا آه?? جيڪا سياسي، معاشي ۽ سماجي رخن تي ٻڌل آه??. هن چيو ته يو اي اي پاڪستان جو هڪ اهم ترين معاشي حصيدار ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪن??ڙ وڏو ملڪ آه??. صدر چيو ته تازو ئي سامونڊي، لاجسٽڪس ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون يو اي اي جي پاڪستان جي معاشي صلاحيت تي پختي حمايت ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ هو جنهن يو اي اي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن پاڪستان جي مشڪل وقتن ۾ يو اي اي جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. صدر يو اي اي ۾ رهندڙ 18 لک پاڪستانين جي ??رد??ر کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري رهيا آه??. هن چيو ته اهي عوامي لاڳاپا اسان جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي جو اعليٰ مثال آه??. صدر يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ عوام کي يو اي اي جي قومي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.