اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ منشيات ۽ ڏوهن بابت گڏيل قومن جي نمائندي ٽرولس ويسٽر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدالتي سڌارن ۽ ماحولياتي ڏوهن جهڙن اُڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ قانون ۽ ماحولياتي منصوبن کي اڳيان وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ڪالهه انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ڪيس اسائنمينٽ ۽ مئ??جمينٽ سسٽم (سي اي ايم ايس) تي خاص توجهه ڏني وئي جيڪا قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ يو اين او ڊي سي جو گڏيل منصوبو آه??. سي اي ايم ايس جو مقصد ڪيس مئ??جمينٽ کي روايتي طريقن سان ڊجيٽل نظام طرف منتقل ڪرڻ آه?? ته جيئن قانوني ماهرن جي ڪارڪردگي ۽ ف??ري ڪيس جي نگرانيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. هاڻ تائين وزارت وفاقي وزيرن جي فوڪل پرسنز جي ڇهن بينچن کي تربيت فراهم ڪئي آه?? ۽ سي اي ايم ايس هن وقت نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سيڪيورٽي بورڊ (اين ٽي آءِ ايس بي) تحت جاچ ۽ سيڪيورٽي آڊٽ جي مرحلي ۾ آه??. يو اين او ڊي سي ضر??ري انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو آه?? جنهن ۾ سرورز ۽ ڪمپيوٽر شامل آه?? ۽ فني مسئلن جي حل لاءِ لڳاتار پنهنجو سهڪار فراهم ڪري رهي آه??. ٽرولس ويسٽر سي اي ايم ايس کان علاوه ماحولياتي تبديلي ۽ـ ڏوهن جي روڪٿام جهڙن نَون امڪاني شعبن ۾ سهڪار جي نشاندهي ڪئي. وفاقي وزير پراسيڪيوٽرز جي صلاحيت ۾ واڌ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ويسٽر، پاڪستان ۾ گهٽ سزا جي تناسب جي سببن جو جائزو وٺڻ لاءِ ۽ بهتريءَ جي مختلف ماڊلز کي دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جي تجويز ڏني. وفاقي وزير تازو ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميمن جي حوالي سان ويسٽر کي آگاهه ڪيو ۽ انهن ترميمن ۾ يو اين او ڊي سي جي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي ويسٽر عدليه سان ڀائيواريءَ کي يقيني بنائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، يو اين او ڊي سي جي مسلسل معاونت تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ صلاحيت سازي، ماحولياتي قدمن ۽ عدالتي سڌارن ۾ گڏيل ڪوششن لاءِ پاڪستان کي عزم کي ٻيهر ورجايو. ٻنهي ڌُرين ملاقات جي پڄاڻي گڏيل سهڪار جي قدرن ۽ ڀائيواري ۾ مسلسل ترقيءَ جي عزم سان ڪيو.