اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته آذربائيجان ۽ ترڪيه جيان بيلاروس کي ??يڙپڪاري ۾ ڀائيوار بڻائڻ چاهيون ٿا، شاهراه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپاري ڪوريڊور جا خواهشمند آهيون. اهڙن خي??لن جو اظهار هن بيلاروس جي ٽرانسپورٽ واري وزير اليڪزسي ليخنو وچ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن خاص طور تي مواصلات جي شعبي ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقع?? تي ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس اچ وڃ ذريعن جي اپ گريڊيشن ۾ گڏيل ڀائيواري ڪري سگهون ٿا. بيلاروس پي آءِ اي سان سفري سهولتن ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ بيلاروس جي وزير، وفاقي وزير کي ??يلاروس جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد کان ماسڪو سڌي اُڏام تي ڪم جا??ي آهي. بيلاروس کي ??ه شامل ڪري سگهجي ٿو. آذربائيجان ۽ ترڪيه جيان بيلاروس کي ??ه سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بنائڻ چاهيون ٿا. شاهراهه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپار ڪوريڊيور جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته بيلاروس جي صدر تي مشتمل 68 ميمبرن جي وفد جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي، مستقبل ۾ بيلاروس سان جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي سرگرمين ۾ وڌيڪ وا?? ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ گرين انرجي ۾ ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا. بيلاروس جي وزير چيو ته پاڪستان سان ريلوي ۽ روڊ ذريعي رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا. بيلاروس جي وزير پاڪستان جي مواصلات ذريعن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ بيلاروس جا سينيئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.