اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي اجلاس جي ??دا??ت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم دوري جي اه??يت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن ب??بت تجويز ڪيل ايم او يوز پڻ پيش ڪيا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪري??ري?? تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي پريزنٽيشن ڏني. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اه?? هن دوري جي ڪاميابي ۽ تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪن.