اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال ??وب??ئي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رس?? کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريندي هدايت ڪئي آهي ته عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ ان تناسب سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ??وب??ئي حڪومتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي (اين پي ايم سي) جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ قومي انگن اکرن واري وفاقي اداري، من??وب?? بندي وزارت ۽ ڪلي معيشت جي ماهرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نعيم اظفر اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن جي رجحانن تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته شماريات جي اداري مطابق ٽرانسپورٽ ۽ مرغي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. کنڊ جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿ??ڻ کانپوءِ گهٽ ٿ?? آهي، جڏهن ته داليون، پٽاٽ??، چانور ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته عالمي مارڪيٽ جي رجحان سبب پام آئل جي قيمت ۾ ??ضا??و ٿيو آهي. وفاقي وزير ??وب??ئي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رس?? کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته شماريات کاتي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير پيٽرول جي قيمتن ۽ ڪِراين کي چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. زراعت کي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ وقت سر قدم ضروري آهن. زرعي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزنس پلان جي اڳواٽ تياري ۽ ويليو ايڊيشن تي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.