اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان دولت م??تر??ه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وسيع ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم سنگاپور سان مضبوط اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ڌرين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اڀرندڙ عالمي چئلينجن جو جامع جواب تيار ڪرڻ جي لاءِ جامع علائقائي موقف جي ضر??رت کي اجاگر ڪيو.