اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انقره ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي، پاڪستان به دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو، پاڪستان اهڙي وحشياڻي ڪاررواين جي درد ۽ تڪليف کي س??جهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ڏک جي هن گ??ڙيءَ ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام س??ن تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گ??ڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو ??ظه??ر ڪري ٿو جڏهن ته متاثر خاندانن س??ن تعزيت جو ??ظه??ر ڪريون ٿا. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن. صدر دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ سمورين قومن جي محفوظ مستق??ل جي لاءِ عالمي برادري پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.