اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ??ندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اس??ن جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ حولدار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ اس??قامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اس??ن جي سيڪيورٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، شهيدن جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏي??داسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اس??ن جي جنگ جاري رهندي.